اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته عمران خان اڄ عدالت ۾ اه?? تسليم ڪيو ??هي ته سندس ڪم الزام هڻڻ ??هي ۽ ثبوت ان وٽ مو??ود نه آهن، عمران خان الزام هڻي ملڪي ترقي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ڌرڻو هنيو، گادي واري شهر کي لاڪ ڊائون ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ۽ ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته مني لانڊرنگ ٿي، پاڪستان جي عوام جو پئسو ڦريو ويو ۽ ٽيڪس چوري ٿيو پر عدالت ۾ تسليم ڪيو ته سندس ڪم الزام هڻڻ آهي، ثبوت ڏيڻ نه آهي، عمران خان کي پنهنجي بيان تي شرمنده ٿيڻ گهرجي، هن قوم سان ڪوڙ ڳالهايو ??هي ته هن وٽ ثبوت آهن، تحريڪ انصاف پاران چونڊيل وزيراعظم تي بي بنياد الزام افسوسناڪ آهن، ملڪي ترقي ??ي سفر ۾ رڪاوٽون وجهندڙ اڳ ۾ به ناڪام ٿيا هئا ۽ مستقبل ۾ به انهن کي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پوندو. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ??وڪڻ جي لاءِ اهڙي قسم جي سياست ڪئي پئي وڃي.