اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گوادر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پور?? قوم دهشتگردي جي ان ناسور جي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پارا?? جاري بيان موجب نگران وزيراعظم حملي ?? شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 14 اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، شهيدن ملڪ جي حفاظت جي خاطر پنهنجي جاني?? جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته مون سميت پوري پاڪستا??ي قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، دهشتگرد?? جا اهڙا بزدلاڻا حملا پاڪستا??ي قوم ۽ ان جي رکوال?? جا حوصلا ڪڏهن به ڪمزور نه ڪري سگهندا، پور?? قوم دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.