اسلام آباد ?? 06 ??ومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته يرغمالي مارچ جا اڳواڻ بستر تي آرام ڪري رهيا آهن ۽ سياست جي ور چاڙهڻ جي لاءِ آندل ويچارا ڪارڪن کليل آسمان هيٺ سخت سرديءَ ۾ سڙي رهيا آهن، مولانا فضل الرحمان جو پهرين ڏينهن کان ئي ڪو جمهوري ۽ آئيني مطالبو نه هو جنهن کي حڪومت سنجيده انداز ۾ بحث هيٺ آڻي ان تي وا??ح حڪمت عملي طئي ڪري، مولانا فضل الرحمان سان حڪومتي ڳالهين وا??ي ٽيم جيترا ڀيرا مل?? آهي ان ۾ هر ڀيري نئين ڳالهه ڪئي وئي. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪ رت سان ڪشمير جو جيڪو داستان لکيو ??يو انهي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀ هتي گڏ ٿيا آهيون.