لاهور – 05 ج??ن (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ميڊيا ور??رز جي حقن تي ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، قانونن ۾ موجوده فريم ور?? ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، ميڊيا ور??رز جي آزادي ل??ءِ ميڪنزم آڻڻ چاهيون ٿا. اها ڳالهه هن ايوان اقبال لاهور ۾ سي پي اين اي جي عهديدارن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اسان جيڪي به قانون آڻينداسين، ميڊيا جي مشاورت سان آڻينداسين، هن چي?? ته قانونن جي موجوده فريم ور?? ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، سوشل ميڊيا ريگوليشنز اڻٽر آهي، وفاقي وزير چي?? ته باقي معاملن کي آرڊيننس جي شڪل ۾ آڻڻو آهي يا ابل جي شڪل ۾، ٽربيونل ۽ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ جي هيئت ڪهڙي هجڻ گهرجي، ان ۾ جن ترميمن جي ضرورت آهي ان باري ۾ سي پي اين اي کي آگاهه ڪيو ويو آهي، هن چي?? ته ميڊيا ور??رز جي حقن تي ٺاهه نٿو ڪري سگهجي.