اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) برطانوي وزيراعظم بورس جانسن ??زيراعظم عمران خان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن افغانس??ان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم عمران خان پاڪس??ان جي لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانس??ان جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته سمورن افغانين جو تحفظ، سلامتي ۽ حقن جو احترام يقيني بڻائڻ انتهائي اهم آهي. وزيراعظم افغانس??ان ۾ هڪ ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان افغانس??ان مان سفارتي، عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۾ پاڪس??ان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن افغانس??ان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان رابطن ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻطرفي تناظر ۾ وزيراعظم عمران خان پاڪس??ان پاران ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ک??يل وسيع قدمن تي روشني وڌي ۽ چيو ته لاڳاپيل ڊيٽا برطانيا سان شيئر ڪئي وئي هئي. وزيراعظم بورس جانسن کان پاڪس??ان کي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.