اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اس?? قيصر سان ڪرغستان جي سفير توتايو والانبڪ اس??ن ڪولووڪ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي مع??ملن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين مع??ملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ڪرغستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ مذهب، ٻڌي ۽ ثقافت جي لازوال رشتن ۾ ٻڌل آهن، اس??ن ڪرغستان سان پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏئي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ رابطن جو فروغ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، چين پاڪستان اقتصادي راهداري خطي ۾ اقتصادي سرگرمين جو مرڪز ثابت ٿيندي. هن چيو ته خطي جي ملڪن ۾ ويجها رابطا ۽ حصيداري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي، پاڪستان خطي جي ملڪن ۾ ويجهي رابطن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، هن جو چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان سان ويجهو هجڻ جي ڪري ڪرغستان وچ ايشيائي رياستن ۽ ان کان ٻ??هر گيٽ وي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڪرغستان جي سفير چيو ته سندس ملڪ جا پاڪستان سان ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، ڪرغستان پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.