رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغان عوام جي مدد لاءِ افغانس??ان جا منجمند اثاثا جاري ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانس??ان پاڪس??ان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، انساني بحران کي روڪن، معاشي تباهي کان ب??ڻ ۽ افغانس??ان ۾ ڊگهي مدي واري ترقي ۽ استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ عالمي برادري جي مستقل ۽ مثبت ڳا??هه ٻولهه اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رياض ۾ وچ اوڀر شاداب قدم سربراهه اجلاس جي موقعي تي بحرين جي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد بن عيسيٰ الخليفه سان ملاقات دوران ڳا??هائيندي ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن افغانس??ان جي تازي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان پاڪس??ان ۽ بحرين جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ڊسمبر 2019ع ۾ پنهنجي بحران جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مستقل اعليٰ سطحي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانس??ان پاڪس??ان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته انساني بحران کي روڪڻ، معاشي تباهي کان ب??ڻ ۽ افغانس??ان ۾ ڊگهي مدي واري ترقي ۽ استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ عالمي برادري جي مستقل ۽ مثبت ڳا??هه ٻولهه اهم آهي. وزيراعظم افغان عوام جي مدد لاءِ افغانس??ان جا منجمند اثاثا جاري ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. بحرين جي ولي عهد چيو ته هو پاڪس??ان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ انهن کي سمورن رخن سان مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي وزيراعظمن مختلف شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد بن عيسيٰ الخليفه کي پاڪس??ان جي دوري جي دعوت ڏني. ولي عهد جلد پاڪس??ان جي دوري جو عزم ظاهر ڪيو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:23