اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ ۽ مارڪيٽ ضرورتن موجب افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين تي وڏي تعداد ۾ هنرمند شاگرد تيار ڪن، اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪل يونيورسٽي اسلام آباد ج?? سينيٽ جي اجلاس ??ي صدارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ??ه نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ ۽ مارڪيٽ ضرورتن موجب افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽيون وڏي تعداد ۾ هنرمند شاگرد تيار ڪن، وائيس چانسلر نيشنل اسڪل يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختيار اجلاس کي يونيورسٽي تي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻ?? سينيٽ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد تي به بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ??ه يونيورسٽي کي ايڇ ا?? سي جي پاران اليڪٽريڪ?? انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي، ڪيميڪ?? انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي، سو?? انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل ليب ٽيڪنالاجي ۽ رياضي جا نوان ڪلاسز شروع ڪرڻ جو اين او سي ملي ويو، اجلاس ۾ نيشنل اسڪل يونيورسٽي جي 20 آڪٽوبر 2021ع جي ٿيندڙ ٻي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏني وئي.