اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيم??لي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع تي ووٽنگ دوران صورتحال انتهائي دلچسپ رهي، وزيراعظم عمران خان، شهباز شريف ۽ آصف زرداري کي ٻيهر راءِ شمار?? ۾ ??صو وٺڻ لاءِ ايوان ۾ اچڻو پيو. جمعي ڏينهن قومي اسيم??لي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع جي شق وار منظوري دوران ج??هن پهريون ڀيرو مخالف ڌر پاران زباني راءِ شماري کي چئلينج ڪيو ويو ته اسپيڪر حڪ??متي ۽ مخالف ڌر ميمبرن کي واري واري سان بيهاري حق ۽ مخالفت ۾ راءِ ورتي، حڪ??مت جي عددي اڪثريت 168 ج??هن ته مخالف ڌر جي 150 ميمبرن جي راءِ سامهون آئي تنهن هوندي به ٻين شقن تي ترميمن دوران هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر اسپيڪر جي راءِ شماري چئلينج ڪئي جنهن تي اسپيڪر رولنگ ڏني ۽ قومي اسيم??لي جي قاعدن ۽ ضابطن جي قاعدي 29 جي تحت ايوان جي راءِ جي حوالي سان اسپيڪر پنهنجا اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار چيو ته اسپيڪر قاعدي 29 تحت رولنگ ڏني آهي هاڻي مخالف ڌر پاران ووٽنگ کي چئلينج ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي، اسپيڪر زباني راءِ شماري ڪرائڻ جو اختيار رکي ٿو، مخالف ڌر پاران سيد نويد قمر، سردار اياز صادق، رانا تنوير حسين ج??هن ته حڪ??مت پاران بابر اعواڻ کانسواءِ وفاقي وزيرن، اسد عمر، پ??ويز خٽڪ به ان حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو تنهن هوندي به اسپيڪر چيو ته جيتوڻيڪ هو رولنگ ڏئي چڪو آهي پر مخالف ڌر جي مطالبي تي هڪ ڀيرو ٻيهر هو ميمبرن کي واري واري سان بيهاري ووٽنگ جو موقعو ڏيندو. اسپيڪر ج??هن ٻيو ڀيرو مخالف ڌر جي ترميمن تي حق ۽ مخالفت ۾ واري واري سان بيهاري ووٽنگ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ته وزيراعظم عمران خان، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پنهنجي پنهنجي چيمبرز مان ٻيهر ايوان ۾ ٿيندڙ راءِ شمار?? ۾ ??صو وٺڻ جي لاءِ اچڻو پيو، ٻيو ڀيرو ٿيندڙ راءِ شمار?? ۾ ??ه مخالف ڌر جا 146 ووٽن جي مقا??لي ۾ حڪ??مت جا 163 ووٽ نڪتا، اهڙي طرح مخالف ڌر جون ترميمون اڪثريت راءِ سان رد ڪيون ويون.