بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين خطي جي امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي ملڪن افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري تي فوري قدمن تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چي?? جي صدر شي جن پنگ سان بيجنگ ۾ عظيم عوامي هال ۾ ملاقات ڪئي. اها وزيراعظم عمران خا?? جي آڪٽوبر 2019ع ۾ چي?? جي دوري کانپوءِ پهرين ملاقات هئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ٻطرفي تعاون جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ خوشگوار ماحول ۾ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ 24 هين اولمپڪ سرمائي گيمز جي ڪامياب ميزباني تي چي?? جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ چي?? جي نئين سال جي شروعات تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو ته چين پاڪستان جو ثابت قدم دوست، ڀروسي جوڳو حامي ۽ مضبوط ڀاءُ آهي، پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري سدائين آزمائش جو مقابلو ڪيو ۽ ٻئي ملڪ پنهنجي ويزن، خوشحالي، ترقي ۽ امن ۽ استحڪام جي گڏيل خواهش کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ گڏ بيٺل رهيا. وزيراعظم عمران خان چيني صدر کي عوام جي محور تي ٻڌل جيو اڪنامڪ سوچ ۽ ا?? جي حڪومت جي پاڪستان ۾ پائيدار ترقي، صنعتي ترقي، زراعت ۾ جدت آڻڻ ۽ علائقائي رابطن بابت پاليسين کان آگاهه ڪيو. هن پاڪستا?? جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ چي?? جي تعاون ۽ مدد کي ساراهيو جنهن ۾ سي پيڪ جي اعليٰ معياري ترقي مان فائدو کنيو ويو آهي. وزيراعظم سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي جي آجيان ڪئي جنهن جو محور انڊسٽريلائيزيشن ۽ عوام جي زندگي جي معيار ۾ بهتري آهي. وزيراعظم عمران خان چي?? جي صدر کي دنيا ۾ وڌندڙ قطبيت کان آگاهه ڪيو جنهن سان عالمي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪ?? جي لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿيا آهن. هن موسمياتي تبديلي، صحت، قدرتي آفتن ۽ وڌندڙ عدم برابري جهڙن چئلينجز کي پڻ اجاگر ڪيو جن سان رڳو گڏيل قوم?? جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن موجب سمورن ملڪ?? جي غيرمشروط تعاون کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، ان سلسلي ۾ هن چيني صدر جي بيلٽ اينڊ روڊ ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽيو کي ساراهيو جيڪو پائيدار ترقي ۽ هدف?? جي ڪاميابي لاءِ گڏيل قدم قرار ڏنو وڃي ٿو. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلسل ظلمن ۽ هندوتوا ذهنيت تي ٻڌل آر ايس ايس، بي جي پي جي اقليت?? جي خلاف ظلم ۽ ڏاڍ کي اجاگر ڪيو جيڪو ع??ائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته ڀارت جي مسلسل فوج ڪشيءَ علائقائي ام?? جي لاءِ خطرو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ حصيداري خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو سهارو آهي. هن چين پاران پاڪستا?? جي خودمختياري، علائقائي سالميت، آزادي ۽ قومي ترقي جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان سمورن اهم معاملن تي چي?? جي مڪمل حمايت جي پاڪستا?? جي عزم کي ورجايو. ڌرين ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان سان خطي ۾ معاشي ترقي ۽ رابطن کي فروغ ملندو. هنن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستا?? جي فوري مدد ڪري. ٻنهي اڳواڻن صنعتي، خلائي ۽ ويڪسي?? جي فراهمي سميت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي جي تعمير جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان چي?? جي صدر شي جن پنگ کي پاڪستا?? جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.