اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان چين سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه ڏسي ٿو ۽ سندس چين جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي دوري جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وز??راعظم کي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سي پيڪ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، سيڙپڪاري، واپار، انفارميشن ٽ??ڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ جاري ٺوس منصوبن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وز??رن شوڪت ترين، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار واري صلاح??ار عبدالرزاق دائود، مملڪتي وز??ر فرخ حبيب، قومي سلامتي واري صلاح??ار ڊاڪٽر معيد يوسف، خاص ??عاون شهباز گل ۽ خالد منصور شرڪت ڪئي.