اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 20 فيبروري تي سبي ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن سيد حيدر عباس جي پونئيرن سان ٽيليف??نڪ رابطو ڪيو ۽ ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪيپٽن سيد حيدر عباس جي وارثن سان ٽيليف??نڪ ڳالهه ٻولهه ۾ شهيد جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.