اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ??نج??ب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ??نج??ب جو چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي ??نج??ب رائو سردار علي خان پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ ??نج??ب صوبي جي انتظامي ۽ امن امان جي مج??وعي صورتحال سان لاڳاپيل م??املن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم کي صوبي جي اندر جاري مختلف ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ موثر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ جي لاءِ شرپسندن، ذخيره اندوزن ۽ قبضا مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.