راولپنڊي – 04 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم 24 سالن کانپوءِ ??اڪ??تان آئ?? آهي، ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي خوش آئند آهي، اسان جي اپوزيشن سدائين عوام جي خلاف بيهي ٿي. اهڙن خيالن جو ا??ها?? اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير راولپنڊي ڪرڪيٽ اس??يم ۾ ??اڪ??تان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ مئچ شروع ٿيڻ تي ڪيو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سنڌ جي گورنر عمران اس??اعيل سان گڏ راولپنڊي ڪرڪيٽ اس??يڊيم جو دورو ڪيو ۽ رانديگرن سان ملي خوشي جو ا??ها?? ڪيو. هن ان موقعي تي چيو ته اپوزيشن ان فٽ آهي، مئچ نه کيڏي سگهندي، لانگ ۽ شارٽ مارچ ڪندڙن کي به چوندس ته پنهنجي گاڏي پڪڙين ۽ جلدي سان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڏسڻ اچن، انهن کي فري پاس ڏينداسين، انهن کي به عام ماڻهن سان يڪجهتي جو ا??ها?? ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي اهو چوڻ جي قابل ٿين ته اهي به عام ماڻهن سان گڏ بيٺل آهن، اسان هر ڀيري ڏسندا آهيون ته ڀلي اهو پئسو ڦرڻ جو معاملو هجي، گورننس جو معاملو هجي يا راندين جو اسان جي اپوزيشن سدائين عوام جي خلاف ئي بيٺل هوند?? آهي ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ??اڪ??تان ۾ ڪرڪيٽ بحال ٿي ره?? آهي ايترو وڏو ايونٽ ٿي رهيو آهي، اپوزيشن جو اهو ئي رويو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر جي قيادت کي چوندس ته انهن کي هڪ فري باڪس ڏينداسين ۽ اهي چار ڏينهن آرام سان مئچ ڏسن ۽ ان کانپوءِ پنهنجي اس??ريٽجي ٺاهين ڇو ته ماڻهو ته انهن جا پورا نه ٿي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته انڊين ڪرڪيٽ ٽيم به هتي اچي، ??اڪ??تان ۾ زبردست مئچز ٿيڻ گهرجن ۽ بجاءِ ان جي ته ??اڪ??تان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي روڪيو وڃي اسان کي ??اڪ??تان ۽ انڊيا جي ڪرڪيٽ کي سپورٽ ڪرڻ ۽ راندين کي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجو اهو مڃڻ آهي ته ڀارت ۾ به اهڙا آواز هوندا جيڪي شدت پسندي کي رد ڪن ٿا. ان موقعي تي وفاقي وزير ڪرڪيٽ جي بحالي تي پي سي بي، سي اي، آءِ سي سي عملدارن جا ٿورا مڃيا. سنڌ جي گورنر عمران اس??اعيل پڻ رانديگرن سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي تي خوشي جو ا??ها?? ڪيو.