اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان هائوس??گ واري وفاقي وزير چوڌري طارق بشير چيما ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير وزيراعظم کي ملڪ ۾ وچولي ۽ گهٽ آمدني واري طبقي جي لا??ِ گهٽ لاڳت جي گهرن جي تعمير جي منصوبي جي اڳڀرائي تي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ماڻهن کي گهرن جي باعزت فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ لاڳاپيل ادارن کي ??ن مقصد کي مڪمل ڪرڻ جي لا??ِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي.