اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجيسر ۽ او آءِ سي جي جنرل سي??ريٽري حسين ابراهيم طحهٰ افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين چارٽر تي صحيح کي خوش آئنده قرار ڏيندي چي?? ته افغانين جي انساني بنياد تي امداد وقت جي ضرورت آهي، فنڊ ??و مقصد افغان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ آهي، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون، سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ٽرسٽ فنڊ ??ي چارٽر تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر چي?? ته فنڊ ??ي قيام جو مقصد افغان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ، فوڊ سي??يورٽي ۽ تعليم خاص طور تي عورتن جي تعليم کي فروغ ڏيڻ آهي، هن چي?? ته اسان کي افغانستان ۾ عورتن جي تعليم ۽ بجلي جي فراهمي جي معاملن تي ڌياڻ ڏيڻ گهرجي، او آءِ سي جي جنرل سي??ريٽري حسين ابراهيم طحه چي?? ته اسلامي ملڪن جي تنظيم افغان عوام جي مدد لاءِ قدم کڻندي. هن چي?? ته افغانستان ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ افغان عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هن چي?? ته اسان افغان عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسان جو مقصد افغان عوام جي مدد ڪرڻ آهي، هن اسلامي ملڪن ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي درخواست ڪئي ??ه هو افغان ٽرسٽ فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهن.