اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملتان سان ??عل?? رکندڙ صوب??ئي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ڪندڙن ۾ صوب??ئي اسيمبلي ميمبر نديم قريشي، جاويد اختر انصاري ۽ تحريڪ انصاف جو ميمبر ملڪ عدنان ڊوگر شامل هئا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي عوامي ميڙ امر بالمعروف جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ ملتان ۾ جاري ترقياتي منصوبن، ڏکڻ پنجاب پئڪيج ۽ نئون پاڪستان صحت ڪارڊ جي عوامي پذير??ئي کان به آگاه?? ڪيو. وزيراعظم عمران خان عوامي ڀل??ئي جي جاري ترقياتي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ پارٽي تنظيم کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.