ڪراچي – 29 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بئنڪون سڄي دنيا ۾ وڌندڙ سائبر ڏوهن جي ڏس ۾ کاتيدارن جي ??قم ۽ ذاتي ڊيٽا جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائين، بئنڪون صارفين جي پئسن جون امانتدار آهن، بئنڪون صارفين جي ??ڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، اليڪٽرانڪ فراڊ کان صارفين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ صارفين کي بئنڪنگ جي ??ريقيڪار ب??بت آگاهي ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ، مسلم ڪمرشل بئنڪ، الائيڊ بئنڪ لميٽيد، فيصل بئنڪ لميٽيد، حبيب بئنڪ لميٽيڊ، سونهري بئنڪ لميٽيڊ، خيبر بئنڪ لميٽيڊ، دبئي بئنڪ اسلامي، ميزان اسلامڪ بئن?? ۽ ??ئنڪ آف پنجاب جي ??ربراهن جي ??جلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بئنڪنگ سيڪٽر ۾ ٿيندڙ تبديلين، ڊيجيٽلائيزيشن ?? سائبر ڪرائيسز جي ??وڪٿام لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صدر کي بئنڪنگ سيڪٽر جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت وڌائڻ جي لاءِ پاليسي ۽ بنيادي سڌارن ب??بت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ عورتن سان گڏوگڏ ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي مالي شموليت کي يقيني بڻائڻ ب??بت پڻ بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته بئنڪن صارفين جي ??ڪايتن جو فوري ازالو ڪرڻ جيل اءِ پنهنجي نظام کي بهتر ڪيو آهي. روايتي بئنڪنگ سسٽم جي مقابلي ۾ ڊيجيٽل بئنڪنگ ۾ شڪايتن جو انگ گهٽ آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران موبائيل بئنڪنگ ۾ گذريل مالي سال جي ??نهي مدي جي ڀيٽ ۾ 29 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو. انهي عرصي ۾ انٽرنيٽ بئنڪنگ ۾ 31 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو. ان موقعي تي پاڪستان جي ??ئنڪنگ محتسب محمد ڪامران شهزاد پنهنجي ??داري جي ??الياني ڪارڪردگي رپورٽ 2021ع پڻ پيش ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بئنڪون سڄي دنيا ۾ وڌندڙ سائبر ڏوهن جي ڏس ۾ کاتيدارن جي ??قم ۽ ذاتي ڊيٽا جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائين، دير، غيرضروري قانوني ڪيسن، وقت ۽ پئسي جي ??يان کان بچڻ لاءِ بئنڪ صارفين جي ??ڪايتن کي سنجيدگي سان ورتو وڃي. هن چيو ته بئنڪون صارفين جي پئسن جون امانتدار آهن بئنڪون صارفين جي ??ڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، اليڪٽرانڪ فراڊ کان صارفين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ صارفين کي بئنڪنگ جي ??ريقيڪار ب??بت آگاهي ڏني وڃي. صدر چيو ته بئنڪنگ محتسب، بئنڪنگ ڪورٽس ۽ ايوان صدر تي ڪيسز جو بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ بئنڪون شڪايتون پاڻ حل ڪن، بئنڪون صارفين جي مفادن کي موثر طريقي سان تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ اندروني ڪنٽرول جي نظام کي مضبوط ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بئنڪون اليڪٽرانڪ فراڊ ۽ سائبر ڪرائيمز کي ر??ڪڻ جي لاءِ وفاقي جاچ ايجنسي جي ??ائبر ڪرائيم سيل ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن. صدر عورتن جي مالي شموليت جي لاءِ بئنڪن جي قدمن کي ساراهيو.