اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي، ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ لاءِ سپريم ڪورٽ جي پاڻم??اد?? نوٽيس ڪيس تي اعليٰ عدالت ۾ آئين ۽ قانون موجب دليل ڏيندس. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ڄاڻايل ??اڻم??اد?? نوٽيس جي ٻڌڻي کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. بابر اعواڻ چيو ته ماڻهن کي يقين ڏيارڻ لاءِ رستو تجويز هئڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ قانون ۽ آئين جي با??ادستي آهي. هن چيو ته اپوزيشن جي وڪ??لن دليل ڏيڻ ۾ 3 ڏينهن لڳايا آه??، اسان گهٽ وقت لڳائينداسي??، اسان جا دليل آئين ۽ قانون موجب هوندا. هن چيو ته اڃا آرٽيڪل 63 (اي) جي تشريح جي حوالي سان به فيصلو اچڻو با??ي آهي.