اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي مرحوم عب??ال??تار ايڌي جي گهرواريءَ بلقيس ايڌي جي ??اڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آه??. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ڏک جي ??ن گهڙيءَ ۾ مرحومه جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اطهار ڪريان ٿو، مرحومه بلقيس ايڌي جي سماجي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. ٻئي طرف سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي پڻ بلقيس بانو ايڌي جي ??اڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آه??.