اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب ڪامن ويلٿ گيمز 2022 ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ واري پا??ست??ني ويٽ لفٽر نوح دستگير بٽ کي مبارڪ پي?? ڪندي چيو آهي ته “ويل ڊن محمد نوح دستگير بٽ” توهان شاندار ڪاميابي حاصل ڪري قوم جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي ??يان ۾ وف??قي وزير چيو ته سڄي قوم کي محمد نوح دستگير بٽ جي ڪاميابي تي فخر آهي ان اميد ظاهر ڪئي ته نوح دستگير بٽ اڳتي به عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪندو. واضح رهي ته پا??ست??ني ويٽ لفٽر نوح دستگير بٽ ڪامن ويلٿ گيمز 2022 ۾ 405 ڪلو گرام وزن کڻي سونو ٻلو حاصل ڪيو آهي.