ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وقتي گورنر ??غا سراج دراني چيو آهي ته ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوا?? آزادي جي اظهار ۽ ٻين بنيادي ح??ن کان محروم آهي، ڀارت پنهنجي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻائي ڇڏيو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ??يان ۾ هن چيو ته 9 لک ڀارتي فوج پاران ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري گهيراءُ کي بنا ڪنهن دير جي ختم ڪيو وڃي، ڀارت جي 370 ۽ 35 اي ۾ تبديلي گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ڀارتي قدم خطي جي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. گڏيل قومون ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق بحال ڪرائي. سنڌ جي وقتي گورنر چ??و ته ڪشميرين جي خودمختياري ??ي حق جي تحريڪ کي دٻائڻ مودي حڪومت جي وس جي ڳالهه نه آهي، جيستائين ڪشميرين کي آزادي نه ٿي ملي وڃي هڪ به پاڪستاني سک سان نه ويهندو. ??غا سراج دراني چيو ته ياسين ملڪ ۽ مير واعظ عمر فاروق سميت سڀني حريت پسندن کي فوري ??زاد ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان مظلوم ڪشميرين جي خودمختياري ??ي حق جي جدوجهد جي هر ممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري ??کندو.