اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ساهيوال مان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيم??لي ميمبر محمد اشرف جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي ??يو آهي ته اها گرفتاري سياسي انتقام آهي، اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ ??هي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم ??يو ته عمران خان جي چوڻ تي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي انتقام جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ اڄ به بدترين سياسي انتقام جي پنهنجي ??نف?? روش تي ڪاربند آهي، چار سال توهان اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏسي چڪا آهيو، سياسي انتقام جو ملڪ ۽ عوام کي ناقابل تلافي نقصان ٿيو. هن ??يو ته نيب، ايف آءِ اي وانگر هاڻي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي مخالفن جي سياسي استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، سياسي انتقام سان مخالفن کي ڌمڪائڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ??هي. وزيراعظم گرفتار قومي اسيم??لي ميمبر محمد اشرف سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.