اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 2022ع دوران تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ايشيائي تر??ياتي بئنڪ جي تعاون جا ٿورائتا آهيون، ٻوڏ کانپوءِ متاثرين جي بح??لي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ بئنڪ جي وڌيڪ تعاون جا خواهشمند آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايشيائي تر??ياتي بئنڪ جي نائب صدر شي زن چن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي خوشي ٿي آهي. پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ايشيائي تر??ياتي بئنڪ جو ماڻهن سان تعاون ۽ يڪ??هتي ساراهه جوڳي آهي ۽ اسان مستقبل ۾ ان تعاون کي جاري رکڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته ايشيائي تر??ياتي بئنڪ جي تعاون سان ٻوڏ کانپوءِ بح??لي ۽ نئين سر تعمير جو ڪم جاري آهي، حصيدارن سان گڏجي اسان هڪ مضبوط موسمياتي ردعمل کي وڌ??ڪ مضبوط ڪنداسين.