اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ۽ ڪالم نگار ضمير نفيس جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ضمير نفيس جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو. ??رح??م جي صحافت جي شعبي ۾ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??رح??م جي پٽ سيد فواد ڪاظمي سان به تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله ??عا??يٰ ??رح??م کي ج??ت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.