اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) راولپنڊي جي مختل?? ونگز جا تنظيمي اجلاس اڄ ٿيندا، سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم ن??از اجلاسن جي صدارت ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته سومر ڏينهن راولپنڊي جي تنظيم، عورتن، سوشل م??ڊي?? جا جدا جدا اجلاس ٿيندا، اجلاس ۾ پارٽي جي راولپنڊي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو، پارٽي جي عورتن ۽ سوشل م??ڊي?? ونگز کي وڌيڪ فعال ڪرڻ تي مشاورت ٿيندي.