اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي گڏيل ??لچسپي جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم شهباز شريف ايران سان گڏيل ??لچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، توان??ئي تعاون، سلامتي ۽ علائق??ئي ا??تح??ام ۾ بطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تازو ئي پولان گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين جي فعال ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ايراني حڪومت جي تعاون ??ي ساراهيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ??فهام تفهيم ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ثقا??تي ۽ تعليمي مٽاسٽا سميت عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف خطي ۾ امن ۽ ا??تح??ام جي فروغ لاءِ ايراني قيادت جي ڪوششن ??ي ساراهيندي صدر ابراهيم رئيسي کي ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جي تاريخي اڳڀر??ئي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته فلسطين جي والاريل ??لائقن ۾ اسرائيل پاران انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. هن گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانونن موجب ٻه رياستي حل جي بنياد تي اسرائيل فلسطين تڪرار جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي زور ڏنو.