اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزارت پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي تعاون سان گڏيل قومن جي امن مشن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي شاندار تقريب منعقد ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب تقريب ۾ سفارتي ڪور ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني ک?? تقريب جي خاص مهمان هئي. ان موقعي تي ٻه بحث سيشن ٿيا جن ۾ گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ جي اثرن ۽ فو?? ۾ سڀ کان وڌيڪ تعاون ڪندڙ ملڪ طور پاڪستان جي ڪردا?? کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي مملڪتي وزير حنا رباني ک?? ۽ سفارتي برادري پاڪستان جي 8 امن فو??ين کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن ڊيوٽي دوران پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا ۽ انهن کي گڏيل قومن جي امن فو?? جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي شهيد ٿيڻ کانپوءِ اعزاز سان نوازيو ويو آهي.