اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان جرمني جي سفير الفريڊ گراناس ملاقا?? ڪئي جنهن دوران مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ?? واپار، سيڙپڪاري، تعليم، پيشيواراڻي تربيت، مائيگريشن ۽ موبئيلٽي ۾ ٻطرفي تعاون بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مملڪتي وزير ان موقعي تي پ??ڪستاني شاگردن کي درپيش ويزا م??ئلن جي جلد حل جي ضرورت تي زو?? ڏنو.