لاهور – 27 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف لاهور ۾ تازين برساتن تي پاڻي جي نيڪال جو مناسب ۽ وقت سر انتظام نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ناقص ڪارڪردگي جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، وز??راعظم ايندڙ ڏين??ن ۾ م??وق?? برساتن سان پيدا ٿيندڙ امڪاني صورتحال جي لاءِ مڪمل تياري ڪرڻ ۽ عيد جي ڏين??ن ۾ انتظاميا کي مڪمل طور تي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قرباني جي عيد تي اتر پنجاب خاص طور تي لاهور ۾ م??وق?? چوماسي جي برساتن جي حوالي سان تياري تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وز??راعظم لاهور ۾ تازين برساتن تي پاڻي جي نيڪال جو مناسب ۽ وقت سر انتظام نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وز??راعظم محمد شهباز شريف تازين برساتن جي ڏس ۾ لاهور ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۾ ناقص ڪارڪردگي جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وز??راعظم هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا ناقص پاڻي جي نيڪال جي صورتحال جي ذميوارن جو تعين ڪري ڪوتاهي ڪندڙ لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي معطل ڪري. وز??راعظم چيو ته شديد برسات ۾ لاڳاپيل ادارن جي سست قدمن شهرين کي مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو. هن ايندڙ ڏين??ن ۾ م??وق?? برساتن سان پيدا ٿيندڙ امڪاني صورتحال جي لاءِ مڪمل تياري ۽ قرباني جي عيد جي ڏين??ن ۾ انتظاميا کي مڪل طور تي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي. هن عيد جي ڏن??ن ۾ امڪاني برساتن جي صورت ۾ سمورن دستياب وسيلن کي ڀرپور استعمال ڪندي ايمرجنسي پلان جوڙ ۽ شهر ۾ جلد کان جلد پاڻي جي نيڪال کي ممڪ?? بڻائڻ جي لاءِ گهربل مشينري حاصل ڪرڻ ۾ درپيش مسئلن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته سڄي صوبي ۾ عيد جي دوران قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ جي سخت مانيٽرنگ ڪن ته جيئن ڪا منع ٿيل تنظيم قرباني جون کلون گڏ نه ڪري سگهي. هن عيد جي ڏين??ن ۾ شهرين جي لاءِ صفائي سٿرائي جا انتظام يقيني بڻائڻ ۽ عيدالاضحيٰ تي قرباني جي جانورن جي آلائشن جي خاتمي لاءِ ڀرپور انتظام ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته عيد ۽ چوماسي جي ڏس ۾ عوامي سهولت جي لاءِ خصوصي شڪايت سينٽر ۽ ڪنٽرول روم 24 ڪلاڪ ڪم ڪن. اجلاس ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري زاهد اختر زمان، ڪمشنر لاهور ۽ ٻين اعليٰ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي.