لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته تڪبندين جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ چ??نڊ?? جي حتمي تاريخ جو اعلان ٿيندو، اميد آهي جنوري 2024ع جي آخر تائين چ??نڊ??ن ٿي وينديون، مستقل پاليسيون ٺاهڻ جو اختيار چ??نڊ??ل حڪومتن وٽ آهي، ريڊيو پاڪستان جي بحالي جي پوري ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊيو پاڪستان جي نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز جي پروگرام لاهور ان سائيٽ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ اليڪشن جي تاريخ ڏني آهي 30 نومبر تي تڪبندين جي حتمي فهرست شايع ڪئي ويندي، حب تڪبندين جو مرحلو مڪمل ٿي ويندو ته اليڪشن جي حتمي تاريخ جو اعلان ٿيندو ڇو ته جيستائين تڪبنديون مڪمل نٿيون ٿين ته ان کان اڳ تاريخ ڏيڻ جو ڪو فائدو نه آهي. هن چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ واضح لکيل آهي ته اليڪشن کان اڳ سمورين پارٽين کي اليڪشن مهم جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 54 ڏينهن ڏنا ويندا جيڪو اٽڪل ٻه مهينا بڻجي ٿو، مون کي يقين آهي ته جنوري جي آخر ۾ چ??نڊ??ن ٿي وينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن عالمي معيار جو ادارو آهي جيڪو پيشيواراڻي طري??ي سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان کي جديد گهرجن ??ان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نگران حڪومت جا اختيار محدود آهن، وڏا ۽ پاليسي فيصلا ڪرڻ جو اختيار چ??نڊ??ل حڪومت وٽ آهي. هن چيو ته جڏهن ريڊيو پاڪستان ڊيجيٽل براڊ ڪاسٽنگ ??ان ڳنڍجي ويندو ته ان نظام ??ان بجليج ي پڻ بچت ٿيندي. هن چيو ته اميد آهي ته چ??نڊ??ل حڪومت اچڻ کانپوءِ ان ڪم کي اڳتي وڌايو ويندو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن وقت ريڊيو پاڪستان کي ڪجهه مالي مسئلا درپيش آهن، 90ع جي ڏهاڪي تائين ريڊيو لائيسنس جي مد ۾ فيس وصول ٿيندي هئي جنهن کي ختم ڪيو ويو، هاڻي وفاق جي گرانٽ کانسواءِ ڪو آمدني جو ذريعو نه آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت ريڊيو لائيسنس فيس جي حوالي ??ان جيڪي قدم کنيا، ا??ان انهن کي اڳتي وٺي وڃي رهيا آهيون. اميد آهي ته ريڊيو پاڪستان کي درپيش مالي مسئلن جي حل لاءِ جلد سٺي خبر ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاليسي ٺاهڻ جو اختيار چ??نڊ??ل حڪومتن وٽ آهي. هن چيو ته جڏهن هو ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل هو ته ان وقت ريڊيو پاڪستان جون اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ ويب ??ائيٽس جاري ڪيون، ريڊيو پاڪستان جو ٽوئيٽر اڪائونٽ پڻ مون پاڻ ٺاهيو هو جنهن تي اڄ اٽڪل 10 لک فالورز موجود آهن. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جا سمورا سينٽرز سيٽلائيٽ جي ذريعي ڳنڍيل آهن، ريڊيو پاڪستان جي پهرين ڊي ايس اين جي منهنجي دور ۾ شروع ٿي هئي. هن چيو ته اميد آهي ته ايندڙ چ??نڊ??ل حڪومت ريڊيو پاڪستان سميت ٻين رياستي نشرياتي ادارن جي جدت جي لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻيندي.