اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسرا??يل?? جارحيت کان متاثر غزه جي ماڻهن جي لاءِ امداد موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب غزه جي پٽيءَ ۾ انڌاڌنڌ اسرا??يل?? جارحيت ۽ گهيراءُ جي ڏس ۾ ڳُتيل آبادي غزه ۾ اڳ کان ئي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار عوام کي انساني امداد جي فوري ضرورت آهي. بيان موجب غزه ۾ ٿيندڙ انساني الميي جي ڏس ۾ پاڪستان حڪومت فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏکن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور ??ي انساني بنيادن ??ي امداد غزه روانو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت فلسطيني هلال احمر سوسائٽي، گڏيل قومن جي لاڳاپ??ل ايجنسين، مصر حڪومت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز سان هم آهنگي ڪري رهي آهي ته جيئن پهچ جي طريقن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي.