اسلام آباد -01 نومبر (اي پي پي) پارليامينٽ جي مٿئين ايوان سينيٽ فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جي ??ظهار ۽ اسرائيل جي ??ارحيت ۽ بربريت خلاف مذمتي ٺهراءَ جي ??تفاق راءِ سان منظوري ڏني آهي. سينيٽ اجلاس ۾ قا??د ايوان سينيٽر اسحاق ڊار ٺهراءَ پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي، ته سينيٽ آف پاڪستان غزه ۾ فلسطين جي عوام جي نسل ڪشي جي معاملي تي پنهنجي هنگامي اجلاس م انسانيت خلاف اسرائيلي ڏوهن ۽ رياستي دهشتگردي جي ??خت مذمت ڪري ٿي. دنيا جي ??ڀ کان وڏي کليل جيل غزه جي والاريل پٽي ۾ ترسيل فلسطين جي معصوم ٻارن، عورتن ۽ مردن خلاف رياستي دهشتگردي جاري آهي. پاڪستان جو هي ايوان اعلان ڪري ٿو ته ٻي عالمي جنگ جي هولوڪاسٽ بعد ڪو به ملڪ ان قسم جي ??ربريت ۽ اهڙي وڏي پيماني تي قتل عام ۽ جنگي ڏوهه جو مرتڪب ناهي ٿيو. ٺهراءَ ۾ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي ??ظهار ۽ انهن جي مڪمل حمايت ۽ اسرائيل جي ??مايت ڪندڙن جي ٻٽي معيار ۽ منافقت جي مذمت ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هو غزه ۾ فوري جنگ بندي جي مخالفت ڪندي ڏوهه ۾ شريڪ آهن. هي ٺهراءُ پاڪستاني عوام جي ??ذبن ۽ فلسطيني ??سئلي تي فلسطين جي عوام جي پاڪستان طرفان مسلسل حمايت جي ??زم جي ??ڪاسي ڪري ٿي. ٺهراءَ م چيو ويو آهي ته هي ايوان غزه ۾ فوري جنگبندي، اسرائيل پاران ناڪابندي جي ??اتمي ۽ غزه جي ??هرين کي دوائن،خوراڪ، پاڻي ۽ ٻين ضرورتن جي فراهمي لاءِ انساني حقن جي ??المي تنظيمن کي غزه تائين رسائي جو مطالبو ڪري ٿو. هي ايوان مسلمان امت جي مقدس ماڳن جي ??ي حرمتي لاءِ ڪيل سموريون اسرائيلي ڪارروائيون بند ڪرڻ، ۽ اسرائيل جي ??ارحيت ۽ قبضي کي ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪري ٿو. ايوان ٺهراءَ جي ??تفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.