اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چي??رم??ن محمد صادق سنجراڻي موٽروي ا??م ون سيڪشن کان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تائين رستي جي عدم دستيابي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتصيٰ سولنگي چيو ته ممڪن ٿيو ته نگران حڪومت جي مدي ۾ ئي ا?? تي ڪم شروع ڪرايو ويندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز پنجاب ?? خيبرپختونخواهه کان ايندڙ مسافرن جي لاءِ موٽروي ا??م ون سيڪشن کان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ طرف رستي جي عدم دستيابي سان ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو جنهن تي اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سينيٽر محسن جيڪو معاملو اٿاريو آهي ۽ جيڪا تجويز هن پيش ڪئي آهي ا??ا تمام مناسب آهي، خيبرپختونخواهه مان ايندڙ ماڻهن جي تڪليفن جو ازالو ٿيڻ گهرجي، اهو معاملو اڄ ئي لاڳاپيل وزارت جي نوٽيس ۾ آندو ويندو ۽ جيڪڏهن ممڪن ٿيو ته موجوده نگران حڪومت جي مدي ۾ ئي ا??و منصوبو شروع ڪيو ويندو. سينيٽ چي??رم??ن محمد صادق سنجراڻي هدايت ڪئي ته نيشنل هاءِ وي ا??ارٽي ۽ منصوبابندي ڊويزن ان حوالي سان منصوبو تيار ڪن ۽ حڪومت ان لاءِ فنڊز فراهم ڪري.