اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان اهڙي ڪا صورتحال نه آه?? جو چونڊن ۾ دير جو سبب بڻجي، چونڊون پنهنجي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، چيف اليڪشن ڪمشنر تي اسان کي ڀرپور اعتماد آه??، سمورين سياسي پارٽين سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا. انفارميشن سروس اڪيڊمي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته پيمرا ايڪٽ ۾ صحافين کي تحفظ حاصل آه??. هن چيو ته ميڊيا جا ادارا جڏهن پيمرا کان لائيسنس حاصل ڪن ٿا ته پنهنجي پوري فزيبلٽي ۽ بزنس پلان شيئر ڪن ٿا. صحافين ۽ ميڊيا ??رڪرز کي نوڪرين مان ڪڍڻ افسوسناڪ آه??، ان حوالي سان پيمرا چيئرمين سان ڳالهه ڪئي ويندي ته قانون تحت انهن ورڪرز جي تحفظ جي لاءِ ڪهڙا قدم کڻي سگهجن ٿا. هن چيو ته اطلاعات و??ري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارا ان جو نوٽيس وٺندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلوچستان مان آيل مظاهرين جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي پنهن??و ڪم ڪري رهي آه??، انهن مظاهرين جا ??طالبا اڄ جا ??ه آه??، ڪيترائي ڏهاڪا اڳ جا آه??، اسان جي پوري ڪوشش آه?? ته انهن مسئلن کي حل ڪريون. هن چيو ته گذريل ڏينهن به اسان جون مظاهرين سان ڳالهيون ٿيون، عورتون ۽ ٻار ڪافي مشڪل صورتحال ۾ هئا، اسان جي ڪوشش ڪئي ته انهن کي حفاظت سان پنهنجي گهرن ڏانهن واپس موڪليو وڃي. ان سلسلي ۾ اسان ڪجهه انتظام به ڪيا ??ر اهي واپس نه پيا ??ڃڻ چاهين، عورتن ۽ ٻارن کي فوري طور تي آزاد ڪيو ويو، اهو مسئلو اڃا ختم ناهي ٿيو، ڪميٽي موجود آه?? ۽ پنهن??و ڪم ڪري رهي آه??. بلوچستان جو گورنر به هتي آيل آه??، ان حوالي سان ان سان به ڳالهه ٿيندي، ڪميٽي نگران وزيراعظم کي اڄ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي مدي ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ٿي ويو آه??، چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا دير نه آه?? ۽ نه ئي اهڙو ڪو سبب نظر اچي ٿو، چونڊون پنهنجي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن کي مطالبو ڪرڻ جي حق کان محروم نه ڪري سگهجي. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر تي اسان کي ڀرپور اعتماد آه??، ڪالهه اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ به سمورن ميمبرن چيف اليڪشن ڪمشنر تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آه??. هن چيو ته اسان سياسي پارٽين جي اندروني مسئلن تي تبصرو نه ٿا ڪري سگهون، اسان سمورين پارٽين سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا ته جيئن چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿين.