رياض -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي ڪويت ??ي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان مطابق وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊڻ تي امير جي مبارڪن واري ??ط تي سندس شڪريو ادا ڪيو. شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح کي امير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي وزيراعظم ساڻس ملي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ته جيئن ٻه طرفي لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي شراڪتداري ۾ تبديل ڪري ??گهجي جيڪو ٻنهي ملڪ?? جي عوام جي بهترين مفادن ۾ هوندو. پاڪستان ۽ ڪويت نومبر 2023ع ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحيون ڪيون هيون. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کان علاوه علائقائي صورتحال خاص ڪري ??زه جي بحرا?? جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم ڪويت ??ي امير کي جلد کان جلد ??اڪستا?? جي سرڪاري ??وري ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.