اسلام آب??د ?? 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چيني قيادت جي ??عوت تي چين جي ??رڪاري دوري جي پهرين مرحلي ۾ شينزن پهچي شهر جي ??وبصورتي ۽ ترقي کان متاثر ٿيو آهيان جيڪا جديد دور جي چين جي ??ڪاسي ڪري ٿي. ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته چين جي ??در شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي ??يا??گ ۽ ٻين چيني اڳواڻن ۽ اعليٰ عملدارن سان باضابطا ڳالهه ٻولهه جي لاءِ بيجنگ وڃڻ کان اڳ شينزن جي ??وبائي عملدارن، ڪاروباري برادري ۽ صنعتي ادارن س??ن ڳالهه ٻولهه تي ٿورائتو آهيان.