بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين سان پنهنجي دوستي تي فخر آهي، اها دوستي عوام جي دلين ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي ۽ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انهن جي گڏيل خواهش کي سگهه ڏي ٿي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن بشمول ٻطرفي ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀ??ائ?? تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ وڌندڙ تعاون جي صورت ۾ سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ جي اسان جي گڏيل خواهش جو ??رجاءُ ڪيو. سي پيڪ جي مسلسل اڳڀ??ائ?? تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪو هاڻي پنهنجي ٻئي مرحلي طرف وڌي رهيو آهي. هن چيو ته منهنجي حڪومت بابت سٺن تبصرن تي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جو ??ورائتو آهيان، چيني وزيراعظم سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي ص??يحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. هن چيو ته چين سان اها دوستي عوام جي دلين ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي ۽ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انهن جي گڏيل خواهش کي سگهه ڏي ٿي.