اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملڪ ۽ ملت لاءِ محترمه فاطمه ??نا?? جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته فاطمه ??نا?? قائداعظم محمد علي ??نا?? جي قيادت ۾ تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو هڪ بهادر، بااصول ۽ مضبوط اعصابن جي مالڪ عورت هئي. گذريل ڏينهن محترمه فاطمه ??نا?? جي 57هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مادر ملت جو ڪردار عورتن لاءِ عزم و استقامت، حوصلي ۽ رهنمائي جو ذريعو آهي. هوءَ قائداعظم محمد علي ??نا?? جي ٻانهه ٻيلي ۽ جان نثار ڀيڻ هئي. هن چيو ته فاطمه ??نا?? تحريڪ آزادي جي هر مرحلي ۾ پاڇي وانگر قائداعظم محمد علي ??نا?? سان گڏ رهي. فاطمه ??نا?? قائداعظم محمد علي ??نا?? وانگر باهمت، بااصول، محنتي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ ثابت قدم رهندڙ عورت هئي. فاطمه ??نا?? عورتن جي تحريڪ آزادي جي هر اول جٿي جي رهنما هئي. هوءَ پاڪستان جي قيام کان پوءِ عملي سياست ۾ سرگرم رهي، اسپيڪر چيو ته هن عوام خاص ڪري عورتن جي فلاح و بهبود لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس ملڪ ۽ قوم لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي هميشه سونهري لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.