ڪوئٽا -26 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ هٿياربندن 23 مسافرن کي گاڏين مان لاهي فائرنگ ڪري قتل ??ري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويا. ضلع موسيٰ خيل جي سپرنٽينڊنٽ پوليس ايوب اچڪزئي موجب واقعو پنجاب بلوچستان جي قومي شا??راهه تي راڙاشم ويجهو پيش آيو. ايس پي شهرين جي مارجڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ??ه ان واقعي ۾ 23 ڄڻن کي گاڏين مان لاهي قتل ????و ويو. ايس پي موسيٰ خيل ايوب اچڪزئي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته لاشن کي مقامي اسپتال منتقل ڪ??و ويو آهي. ايوب اچڪزئي ٻڌايو ته هٿياربند پنجاب سان تعلق رکندڙ 6 ماڻهن کي مسافر گاڏين مان لاٿو جڏهن ته باقي 17 ڄڻن کي ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪن مان لاهي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ کين فائرنگ ڪري قتل ??ري ڇڏيو. موسيٰ خيل ۾ جنهن هنڌ هي واقعو پيش آيو اتي هٿياربندن بي رحماڻي ڪارروائي کان پوءِ 10 کان وڌيڪ گاڏين کي به باهه ڏئي ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند شا??راه تي ناڪو لڳائي مسافرن کي بسن ۽ ٽرڪن مان لاهي سڃاڻپ کان پوءِ قتل ??ري ڇڏيو.