ملتان-26 آگسٽ (اي پي پي)توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري چيو آهي ??ه ايندڙ هڪ سال ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي نظر ايندي. پنجاب حڪومت طرفان بجلي جي صارفين کي ڏنل 45 ارب رپين جي رليف کي شفاف انداز سان صارفين سان پهچائينداسين. اهڙو اظهار هن ميپڪو هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آءِ پي پيز سان معاملا گڏيل ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ملڪي ۽ عوامي مفادن مطابق طئي ڪيا ويندا. سردار اويس لغاري جو چوڻ هو ته ڪيپسٽي ادائگين جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نجڪاريءَ ??ان اڳ ڊسڪوز جا معاملا ٺيڪ ڪنداسين. پري پيڊ ميٽرز لڳائڻ، صارفين جي مسئلن ??ي حل ۽ پنجاب حڪومت جي بجلي جي بلن ۾ ڏنل رليف کي شفاف انداز سان صارفين تائين پهچائينداسين. سردار اويس لغاري چيو ته وزارت مان سفارش جو ڪلچر ختم ڪيو ويو آهي. ملتان ريجن ۾ 15 سيڪڙو ??ان وڌيڪ بجلي چوريءَ جون رپورٽون آهن، جنهن جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ انتظاميه کي فري هينڊ ڏنو ويو آهي، ان جو چوڻ هو ??ه اسان جو هدف آهي ته سمورن ميٽرز کي سمارٽ ميٽرز تي منتقل ڪيو وڃي جنهن جو فائدو سنگل ۽ ٿري فيز صارفين کي ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته بجلي صارفين جي سهولت ۽ شڪايتن تي فوري ڪارروائيءَ لاءِ ??يل?? لائن جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻايو پيو وڃي، ان ??ان اڳ وفاقي وزير ميپڪو جي آفيس ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلا?? دوران ??يل?? لائن نظام جي بهتري ميپڪو ڪارڪردگي ۽ پنجاب حڪومت طرفان بجلي جي صارفين کي 45 ارب رپين جي رليف کي شاندار انداز سان صارفين تائين پهچائڻ لاءِ تجويزن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.