اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ امن امان جي ??ور??حال بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدمن ۽ دهشتگردن جي نشاندهي ڪري انهن جي خ??اف ڀرپور ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي. وفاقي گهرو وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير وزيراعظم کي بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ مجموعي ??ور??حال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ دهشتگرد حملا بزدلاڻيون ڪارروايون هيون جن جو ڪو جواز پيش نٿو ڪري سگهجي، اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري دهشتگردن جي ارادن ک?? ناڪام بڻايو. وزيراعظم بلوچستان ۾ امن امان جي ??ور??حال بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن دهشتگردن جي نشاندهي ڪري انهن جي خ??اف ڀرپور ڪارروائي جي پڻ هدايت ڪئي.