اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي و??ير محسن نقوي هرنائي ۾ ڪالعدم بي ايل اي خلاف ڪامياب ڳجهي آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ۽ سندن سهولتڪار ڌرتي تي بار آهن ۽ قوم جي حمايت سان هن ڌرتي تان دهشتگردن کي ختم ڪنداسين.اربع ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي و??ير محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز کي ڪامياب آپريشن ڪري دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو. سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن جي پيشيوراڻين صلاحيتن تي ناز آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي خاتم?? لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آخري حد تائين وينداسين.