راولپنڊي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس تعليمي ادارن ۾ منشيات جي فراهمي خلاف پنجن ڪاررواين دوران 94 لک روپين جي ما??يت جي منشيات هٿ ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي ما?? جاري ڪيل رپورٽ موجب رنگ روڊ پشاور تي حيات آباد ٽول پلاز?? ويجهو جوابدارن وٽان 1500 نشي جون گوريون هٿ ڪ??ون ويون، جڏهن ته ايبٽ آباد ۾ مري روڊ تي موٽرسائيڪل سوار جي قبضي ما?? 500 گرام چرس هٿ آيو آهي. هوڏانهن ٽنڊوڄام حيدرآباد ۾ يونيورسٽي ويجهو موٽرسائيڪل سوار وٽان 7 ڪلوگرام چرس هٿ ڪ??و ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. رپورٽ موجب ٻين ڪاررواين ۾ موٽر وي ٽول پلاز?? ويجهو گاڏي ما?? 12 ڪلوگرام چرس هٿ آيو آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اوڪزئي ۾ افغان ڪئمپ ويجهو بيٺل موٽرسائيڪل ما?? 24 ڪلوگرام چرس هٿ ڪ??و ويو. اي اين ايف جي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيات جي روڪٿام واري ايڪٽ موجب ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.