اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عالمي آرٽ نمائشون قوم?? جي وچ ۾ فنڪاراڻي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اها ڳالهه هن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) ۾ عالمي شهرت يافته سر??لن??ن مصور معين ساهيد ۽ سندس پٽ بلال راجي ساهيد جي پينٽنگ نمائش کي خاص مهما?? جي حيثيت سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ثقافتي مٽاسٽا ۽ سوچ کي جنم ڏيندڙ فن پارن ۾ سر??لن??ا جي متصورن معين ساهيد ۽ بلال راجي ساهيد جي ڪردار کي ساراهيو. هن معين ساهيد کي پاڪستان ۽ سر??لن??ا جي وچ ۾ مضبوط دوستي جي يادگار جي طور تي پاڪستا?? جي ڪنهن اهم تاريخي جڳهه تي هڪ پينٽنگ تيار ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. واضح رهي ته پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) تازو ئي عالمي شهرت يافته سر??لن??ن مصور معين ساهيد ۽ سندس پٽ بلال راجي ساهيد جي شاندار پينٽنگز نمائش جي پڄاڻي واري مرحلي جي ميزباني ڪئي. نمائش کي پاڪستاني عوام، آرٽ جي شوقينن وسيع پئماني تي ساراهيو. معين ساهيد سر??لن??ا جي قديم غارن ۽ جبلن تي لکيل ڪتبي جي موضوع تي پنهنجون تخليقون پيش ڪيون. پنهنجي تخليقن ۾ مشهور اپسرا پينٽنگز جي عنصرن کي شام?? ڪري هن ڏسندڙ?? جي دلين کي گهرائين تائين ڇُهيو. معين ساهيد لاهور ميوزيم جي مستقل ڪولڪيشنز جي لاءِ ميوزيم جي ڊائريڪٽر جنرل کي پنهنجي هڪ پينٽنگ پڻ پيش ڪئي. بلال راجي ساهيد جيڪو لنڊ?? جي رائل ڪاليج آف آرٽ مان گريجوئيٽ آهي، هن پنهنجي سر??لن??ن ثقافتي سوچ ۽ مشاهدن کي منعڪس ڪندڙ فن پار?? جي سيريز پيش ڪئي. پنهنجي نمائشن کانسواءِ معين ساهيد ۽ بلال راجي ساهيد نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۽ پنجاب يونيورسٽي جي فنون لطيفه جي شعبي سميت ذڪر جوڳي ادارن ۾ ڪيترن ئي دلچسپ مباحثن جو پڻ اهتمام ڪيو. پي اين سي اي ۾ اها نمائش 20 آڪٽوبر 2024ع تائين جاري رهندي. ان دوران فنڪار?? جي ڳالهه ٻولهه، سيشن ۽ ورڪشاپس پڻ منعقد ٿيندا.