اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ڪرغزست??ن جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته ٻطرفي واپار ۾ معياري مصنوعات ۽ گهڻن رُخن شعبن وسيلي اضافو ڪري سگهجي ٿو، ڪرغزستان سان سمورن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب اها ڳالهه صدر آصف علي زرداري ڪرغزست??ن جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ سان ملاقات دوران ڪئي جنهن صد?? سان ملاقات ڪئي. صدر چي?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ معياري مصنوعات ۽ گهڻن رُخن شعبن وسيلي اضافو ڪري سگهجي ٿو. صدر چي?? ته ڪرغزستان ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چي?? ته ڪرغزستان سان سمورن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. صدر آصف علي زرداري چي?? ته سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل سيٽ تي پاڪست??ن جي ڪامياب چونڊ ۾ ڪرغزست??ن جي حمايت تي ٿورائتا آهيون. ملاقات ۾ ڪرغزست??ن جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ پڻ ڳالهائيندي چي?? ته دوست ملڪن سان واپار جو فروغ ڪرغزست??ن جي ترجيح آهي، ڪرغزستان معيشت، ڪاروبار ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. زاپاروف اڪيل بيڪ چي?? ته ڪرغزست??ن جي معاشي ترقي جي ڪري تعميراتي ۽ ٽيڪسٽائيل شعبي ۾ افرادي قوت جي لاءِ وڏا موقعا آهن. هن چي?? ته ڪرغز شه??ين جي لاءِ پاڪستاني ويزا جاري ڪرڻ جو عمل آسان بڻائڻ تي ٿورا مڃُ??ن ٿا.