اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزي?? عطاءُ الله تارڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪا??ياب انعقاد ۾ ڪوششن تي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي آفيسرن ۽ پوري ٽيم کي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انفارميشن گروپ جي آفيسرن تي فخر آهي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پرائيم منسٽر آفيس جي ٽيم سان گڏجي ايس سي او ڪا??فرنس جي ڪا??يابي سان انعقاد جي لاءِ حيرت انگيز ڪم ڪيو. هن چيو ته انشاءَ الله اسان گڏجي تاريخ لکنداسين. ايس سي او ڪا??فرنس جي لاءِ توهان جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.