اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??در آصف علي زرداري کي ڪرغزستان، فلسطين، عوامي جم??ور??ه ڪوريا، ازبڪستان، ڪينيا ۽ جم??ور??ه ترڪيه جي سفيرن ايو??ن صدر ۾ منعقد تقريب ۾ سفارتي سندون پيش ڪيون. ايو??ن صدر جي پريس ونگ پاران جا??ي بيان موجب نامزد سفيرن ??در سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ان موقعي تي ??در سفيرن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏني. ??در کي جم??ور??ه ڪرغزستان جي نامزد سفير اوازبيڪ اتاخانوف، فلسطين جي نامزد سفير ڊاڪٽر زوهير محمد حمدالله زيد، جم??ور??ه ڪوريا جي نامزد سفير چوچانگ مين، ازبڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر علي شير تختائي، ڪينيا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) پيٽرمبو گونجيرو ۽ ترڪيه جي نامزد سفير عرفان نزير اوگلو سفارتي سندون پيش ڪيون. نامزد سفيرن ??در سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ان موقعي تي ??در اميد ظاهر ڪئي ته غيرملڪي سفير پاڪستان سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن کي ايو??ن صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.