اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي جو پرڏيهي آفيس اچڻ تي ??ستقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ايراني پرڏيهي وزير واپار، معيشت، توانائي ۽ وچ اوڀر ۾ جاري اڳڀرائي تي ??صوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏ ٻطرفي ۽ عل??ئقائي معاملن تي ??يالن جي ??ي وٺ ڪندا.