اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ احتجاج دوران مظاهرين جي فوتگين وارين خبرن کي سيڪيورٽي ذريعن سختيءَ سان رد ڪندي انهن کي ڪوڙيون ۽ هٿ ٺوڪيون ??رار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڌُرين طرفان اها پروپيگنڊا ڪئي پ??ي وڃي ته قانون ??اڳو ڪندڙ ادارن جي شيلنگ جي نتيجي ۾ مظاهرين جون ??وتگيون ??يون آهن جيڪو سراسر بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان ڪنهن به قسم جي هٿيار جو استعمال ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته ناڪامين کي لِڪائڻ ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ لا??ِ ڪوڙي پ??وپيگنڊا ڪئي پ??ي وڃي جڏهن ته پوليس ۽ رينج??ز احتجاج دوران قانون جي دائري ۾ رهندي آپريشن ڪيو. سيڪيورٽي ذريعن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي سوشل ميڊيا تي ڦهلايل بي بنياد خبرن تي ڌيان نه ڏيڻ ۽ صرف تصديق ٿيل ذريعن کان حاصل ٿيل ڄاڻ تي ڀروسو ڪن.